صفيه رضي الله عنها ام المؤمنين

صفيه رضي الله عنها (ام المؤمنين): حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي حرم (گهر واري) پاڪ بي بي صفيه رضي الله عنها جو اصل نالو زينبرضه هو. عرب ۾ غنيمت جي مال مان انهيءَ حصي کي جيڪو بادشاهه کي ملي، تنهن کي صفيه چون ٿا. بي بي زينبرضه جيئن ته خيبر جي جنگ ۾ قيد ٿي حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي حصي ۾ آئي، ان ڪري سندس نالو صفيهرضه پئجي ويو. صفيهرضه جو پيءُ بنو نضير قبيلي جو سردار هو ۽ سندس والده قريضه قبيلي جي رئيس سمول جي ڌيءَ هئي، ان جي پيءُ حيي بن اخطب ۽ چاچي مسلمانن خلاف ٿيندڙ گهڻين جنگين ۾ حصو ورتو هو. بي بي صفيهرضه جو پيءُ انهن ماڻهن مان هو، جيڪي خيبر ۾ وڃي آباد ٿيا هئا. خيبر جي فتح کان پوءِ جڏهن هيءَ مسلمانن وٽ قيد ٿي غنيمت جي مال ۾ آئي ته کيس حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن پنهنجي لاءِ پسند فرمايو ۽ 7 هجريءَ ۾ حضرت صفيهرضه جي پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم سان شادي ٿي ۽ 10 هجريءَ ۾ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن سان گڏ حج ڪيائين. پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي آخري ڏينهن ۾ تمام گهڻي خدمت ڪيائين. حضرت صفيه رضي الله عنها 35 هجريءَ ۾ حضرت عثمان رضي الله عنه جي مٿس گهيري دوران مدد ڪئي. بي بي صفيهرضه جا حضرت بي بي فاطمة الزهريٰ رضي الله عنها سان پڻ تمام سهڻا تعلقات هئا. 50 يا 52 هجريءَ ۾ سٺ سالن جي عمر ۾ سندس وفات ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو